ٽنڊومستي لڳ نوجوان بجليءَ جي ٿنڀي تان بجليءَ جي تار ٺاهيئندي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، رپورٽ موجب، ٽنڊومستي لڳ شيخ طيب واسي 25 سالا نوجوان حافظ خادم حسين پنھور پٽ حافظ ضياء الرحمان پنهور يارهن هزار بجلي جي ٿنڀي تان بجليءَ جي تار ٺاهيئندي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي موقعي تي ئي وارثن پاران علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ کڻي پهچايو، جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه جڏهن وارث اوچتو کڻائي پهچڻ تي گهرن اندر ڪھرام مچي ويو.۽ وارث عورتن کي بيهوشي جا دورا پئجڻ لڳا
