35

“خيبرپختونخوا ۾ حڪومت بشريٰ بي بي ۽ علي امين هلائي رهيا آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي”

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ هن وقت هڪ حڪومت بشريٰ بي بي ۽ ٻئي وڏو وزير علي امين گنڊاپور هلائي رهيو آهي.مردان ۾ امير حيدر خان هوتي جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پوليس جي قربانين کي مڃون ٿا پر جيڪڏهن فوج صوبي مان وئي هلي ته امن امان برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويندو.هن ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي. صوبي ۾ وزيرن جو انگ مقرر حد کان وڌي ويو آهي. ڪي پي ڪي حڪومت کي هڪ وزير ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻو پوندو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت هڪ حڪومت بشريٰ بي بي ۽ ٻئي وڏو وزير علي امين گنڊاپور هلائي رهيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو