وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي فروٽ جي ايڪسپورٽ تي پابندي خلاف پريالوء ۾ ڪيلن جي واپارين ۽ آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب مان فروٽ ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿي رهيو آهي پر صرف سنڌ جي ايڪسپورٽ تي پابندي لاڳو آهي.
مظاهرين جي تفصيل موجب، وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي فروٽ جي ايڪسپورٽ تي پابندي خلاف پريالوء ۾ ڪيلي جي آبادگارن عبدالڪريم ميمڻ، عبدالجبار ڀٽو، وزير علي جمالي جي اڳواڻي ۾ ڪيلي جي واپارين ۽ آبادگارن سکر-پريالوء-پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
هنن صحافين کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي ٻه اکيائي سبب سنڌ جو فروٽ ايران، افغانستان، دبئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي مان انگور، صوف، ۽ پنجاب مان نارنگيون، مالٽا، گري فروٽ سميت ٻيا فروٽ ايڪسپورٽ ٿي رهيا آهن.
هنن چيو ته سنڌ جي خيرپور ضلعي ۾ مکيه ڪيلي جي فروٽ تي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بنا جواز پابندي سبب آبادگارن ۽ واپارين کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.
مظاهرين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيلي جي ايڪسپورٽ نه ٿيڻ سبب ڪيلا خراب ٿي رهيا آهن، ۽ مارڪيٽ ۾ پڻ ڪيلي جو ريٽ گهٽ هئڻ سبب خرچ پورو ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.
هنن صدر پاڪستان، وزيراعظم، ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ جي فروٽ جي ايڪسپورٽ تي لڳل پابندي ختم ڪئي وڃي.