5

اسرائیلی وزيراعظم جي گهر تي هڪ ٻيو حملو، نيتن ياهو معجزاتي طور تي محفوظ!

غير ملڪي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياہو جي قيصريه ۾ واقع رهائش گاهه تي ٻه فليش بم پھينڪا ويا، جيڪي ان جي گهر جي صحن ۾ ڪري پيا. هي واقعو هڪ مهيني اندر ٻيو حملو آهي، جنهن اسرائيلي سياستدانن ۽ عوامي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.

حملو وقت نيتن ياہو ۽ ان جو خاندان گهر تي موجود نه هو، پر وزيراعظم هن واقعي کي اسرائيل جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته هي حملو نه صرف انهن خلاف، پر اسرائيلي حڪومت جي استحڪام خلاف هڪ واضح سازش آهي.

واقعي کان پوء اسرائيلي اسپيشل پوليس فوراً علائقي کي گھيرائي ڇڏيو ۽ جاچ جو آغاز ڪيو آهي. پر اڃا تائين هي واضح ناهي ٿي سگهيو ته هن حملو جي پويان ڪير ملوث آهي. پوليس ٽن مشتبہ افراد کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ انهن سان تفتیش جاري آهي.

اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ هن واقعي کي سنگين قرار ڏيندي سڪيورٽي ايجنسي شين بيت کي حڪم ڏنو آهي ته هو هن حملو جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪري. اسرائيلي وزير دفاع يوآف گالانٽ پنهنجي بيان ۾ سخت غصو ظاهر ڪندي چيو آهي ته “سڀني ڳاڙهين لائينن کي پار ڪيو ويو آهي. اهو ناقابل تصور آهي ته وزيراعظم، جن کي بيروني دشمنن ۽ ايران جي ايجنٽن طرفان قتل جي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هاڻي داخلي خطرا پڻ منهن ڏئي رهيا آهن.”

ياد رهي ته گذريل مهيني 22 اڪٽوبر تي پڻ وزيراعظم جي رهائش گاهه تي هڪ حملو ٿيو هو، جڏهن حزب الله جي ڊرونز ان جي گهر کي نشانو بڻايو هو. خوش قسمتي سان اُن وقت پڻ نيتن ياہو گهر تي موجود نه هئا.

هي تازو حملو نه صرف اسرائيلي سڪيورٽي نظام تي سوال اُٿاري ٿو، پر ان سان گڏ ملڪ کي ساموٿ خطرن جو پڻ اجاگر ڪيو آهي، جيڪي داخلي ۽ خارجي سطح تي موجود آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو