لاڙڪاڻو ۾ مبينا طور جوابدار فائرنگ ڪري طلاقيل عورت کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ مبينا طور جوابدار فائرنگ ڪري طلاقيل عورت چئن ٻارن جي ماءُ ثمينه ڌيء نظير مغيري کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش کڻائي ٽراما سينٽر پهچايا. ان موقعي تي مقتولا عورت جي ماءُ هدايت خاتون زال نظير مغيري ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ڪجھ سال اڳ منهنجي نياڻي ثمينه جي شادي قمبر تعلقي ڳوٺ مدو چانڊيو جي رهواسي علي رضا عرف نواب سولنگي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس چئن ٻارن جي اولاد پڻ هيس، جڏهن ته 8 مهينا اڳ ڄاٽي نياڻي کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد مان پنهنجي نياڻي ثمينه کي ساڻ ڪري ويجهي مائٽ عبدالفتاح مغيري جي گهر پناھ ورتي هئي.  جنهن کان پوءِ آئون نياڻي کي ساڻ ڪري ڪجھ مهينا اڳ لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ مسواڙ تي گهر وٺي رهائش اختيار ڪئي، جتي مائٽ فتاح مغيري اسان جي گهر ايندو ويندو هو. هن چيو ته اڄ جوابدار عبدالفتاح مغيري منهنجي نياڻي ثمينه خاتون کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد پنهنجي مٿان به فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو لاش اسان جي گهر ۾ پيل هو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس جو چوڻ هيو ته واقعي جي مختلف رکن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.