فضل الرحمان جي خواجا آصف تي ٽوڪ

خواجا آصف تي مولانا فضل الرحمان جي ٽوڪ: ايوان ۾ ٽھڪڙا مچي ويا

اسلام آباد:
قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان پاران دفاع واري وزير خواجا آصف تي ڪيل جمليبازي ۽ ٽوڪ سبب ايوان ۾ ٽھڪڙا مچي ويا. مولانا فضل الرحمان چيو تھ دفاعي معاھدي بابت ڳالھيون تھران ۾ ھلي رھيون آھن، جڏھن تھ وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير خواجا آصف ھتي ايوان ۾ ويٺل آھن.
مولانا جي ان جملي تي ايوان ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ميمبر کلڻ لڳا. ھن چيو تھ جڏھن ملڪ جو دفاع وارو وزير پاڻ ايوان ۾ ويٺو آھي تھ ٻاھر ايڏي اھم دفاعي معاملي تي ڳالھيون ڪير ڪري رھيو آھي؟
ھن وڌيڪ چيو تھ اھڙي صورتحال مان حڪومتي پاليسين ۾ واضح تضاد نظر اچي ٿو، جنھن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آھي. مولانا فضل الرحمان پاران حڪومتي ڪارڪردگيءَ ۽ پاليسين ۾ شفافيت نھ ھجڻ تي تنقيد بعد ايوان ۾ اھا ڳالھھ خاص بحث جو موضوع بڻجي وئي.