ڇا اوهان سوچي سگهو ٿا ته هڪ شخص جنهن جي سالياني پگهار لکين ۾ هجي اهو هڪ معمولي سبب جي ڪري نوڪري ڇڏي ڏئي. اهو واقعو ڀارت ۾ پيش آيو جنهن جي ڪهاڻي ڀارتي ميڊيا ٻڌائي ته اها ڏسندي ئي ڏسندي تيزي سان وائرل ٿي وئي. رپورٽن موجب هڪ شخص هڪ ڪمپني کي 21 لک ڀارتي روپيه(72 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روپيه) ساليانو ۾ جوائن ڪيو پر صرف 19 ڏينهن کان پوءِ نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. رپورٽن موجب مذڪوره شخص انڊين انسٽيٽيوٽ آف مينجمينٽ جو گريجوئيٽ آهي جنهن نوڪري جي 2 هفتن کان پوءِ ئي ڪمپني ڇڏي ڏني، اهو واقعو ڪمپني جي هڪ سيلز نمائندي شيئر ڪيو جنهن چيو ته مون کي هڪ اڪائونٽ ايگزيڪٽو کي تربيت ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو. مذڪوره صارف ٻڌايو ته ٽريني جي پگهار 2 لک جوائننگ بونس سان گڏ تقريبن 21 لک ساليانو هئي پر وڌيڪ پگهار جي باوجود ٽريني 10 ڏينهن ۾ نوڪري ڇڏي ڏني. سيلز نمائندي ٻڌايو ته جڏهن ٽريني کان نوڪري ڇڏڻ جو سبب پڇيو ويو ته ان ٻڌايو ته مون کي چيو ويو هو ته هو اوهان مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو پر انهي کان اڳ هڪ سال جي لاءِ سيلز ڪرڻ جو چيو ويو. ٽريني چيو ته اهوئي سبب آهي ته مون نوڪري ڇڏيڻ جھو فيصلو ڪيو ڇو ته مان انهي ڪم کان ناخوش هئس ۽ منهنجي انهي ڪم ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي.
