13

ايوان زراعت سنڌ وفاقي سرڪار کان چولستان ڪئنال سميت گرين پاڪستان انيشييٽو پروگرام کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 ايوان زراعت سنڌ وفاقي سرڪار کان وفاق جي وحدت کي خطري ۾ وجھندڙ چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن جي رٿائن ۽ گرين پاڪستان انيشييٽو پروگرام کي بنا دير ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري مڪمل طور رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار کي سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان فوري ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي عوام جي آواز سان گڏ بيھڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاھ ايوان زراعت سنڌ جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ، تھذيب، وجود، بقا ۽ جيئاپي جو ذريعو آھي. سنڌ جا 5 ڪروڙ ماڻھو سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن کي پنھنجي وجود جي بقا لاء سنگين خطرو سمجھن ٿا. ڇو ته ملڪ جي آبي ذخيرن ۾ ايترو پاڻي ئي ناھي جو وڌيڪ ڪئنال ڪڍيا وڃن. ڪئنالن جي اھڙين رٿائن خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. سنڌ جي آبادگار، ھاري، ناري کان ويندي ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو ھر ڏينھن روڊن رستن تي احتجاج ڪري پيو. سنڌ مضبوط ۽ متحد وفاق جي ضمانت جي علامت آھي. جڏھن سنڌ جي وجود کي خطرو پيدا ٿي رھيو آھي ته ان سان وفاق جي وحدت کي پڻ خطرا پيدا ٿيڻ جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگھجي. ھن چيو ته ھي ملڪ گھڻ قومي، تاريخي، تھذيبي اڪائين تي ٻڌل فيڊريشن آھي. ان ڪري وفاق ڪوبه اھڙو عجلت ۾ قدم کڻڻ کان اڳ ۾ سمورن آئيني، قانوني، بنيادي انساني، جمھوري ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ ڪرڻ بدران سمورين قومي اڪائين جي اھميت کي نظر ۾ رکندي انھن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواء آبي ذخيرن جي حقيقي انگن اکرن کي ڏسندي فيصلا ڪرڻ گھرجن. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام ان وقت تائين روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻيل رھندو جيستائين سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن جي رٿائن کي رد ڪرڻ جو وفاقي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري نه ڪندي. ھن چيو ته ھن وقت خريف جي سيزن شروع ٿيندي ئي ملڪ جي ٻن وڏن آبي ذخيرن جي  ڊيمن منگلا ۽ تربيلا جو خالي ٿيڻ ۽ خريف جي مند جي فصلن جي پوک لاء پاڻي جي دستيابي نه ھجڻ توڙي آبپاشي کاتي پاران  پيئڻ لاء به پاڻي اڻلڀ ۽ سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ سنگين خطري جي گھنٽي وڄائي رھي آھي. ھن چيو تہ جڏھن موجوده صورتحال ۾ پاڻي ئي ناھي ته پوء ايندڙ وقت ۾ پاڻيء جي ڪيڏي وڏي کوٽ جي بحران کي منھن ڏيڻو پوندو، ان سنگين صورتحال تي وفاقي سرڪار کي سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ماڻھن ۾ ھن وقت سخت بيچينيءَ واري صورتحال پکڙيل آھي. ڇو ته سنڌ جا ماڻھو سمجهن ٿا ته جيڪڏھن سنڌو درياھ تي چولستان سميت سمورا ڪئنال ٺھي ويا ته پوء سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي آڊٽ ڪرائي وڃي ته ملڪ ۾ پاڻي ڪيترو آھي. جڏھن سسٽم ۾ ايترو پاڻي موجود ناھي ته پوء سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ جو ڪھڙو مقصد آھي. جنھن سان وفاق جي وحدت کي خطرو پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي رھيو آھي. ان ڪري وفاقي سرڪار جوش بدران ھوش کان ڪم وٺي ۽ ڪئنالن واري اڏاوت جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ گرين پاڪستان انيشييٽو جي نالي ۾ جيڪا بدگماني پيدا ٿي رھي آھي، ان کي فوري ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي جي مسئلي تي ڪڏھن به خاموش نه ويھندو زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ جو عوام سخت مزاحمت ڪندو.ھن چيو ته حڪمران چون ٿا ته چولستان ڪئنال ستلج درياھ تي آھي، ستلج بابت ملڪ جي ھر ماڻھوءَ کي خبر آھي ته اھو پاڻيء جو درياھ ناھي، پنجاب پنھنجا ستلج سميت سمورا درياھ 1960ع ۾ ھندستان کي وڪرو ڪري چڪو آھي. ان ڪري ستلج بابت حڪومت جو بيان تسليم ڪرڻ جوڳو ناھي. ھن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي تہ سنڌو درياھ تي ٺھندڙ چولستان ڪئنال سميت سمورن ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي عوام جو آواز بڻجي وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو