تفصيل موجب تنگواڻي ٿاڻي جي حد ۾ 6 مهينا اڳ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙو شھيد ٿي ويو ھو، ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي ۽ ايم پي اي مير محبوب علي بجاراڻي سميت ٻين شھيد جي وارثن کي تعزيت دوران خاطري ڪرائي ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪري سندن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو، والد لڙڪ لاڙيندي چيو ته پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان ايس ايس پي زبير نظير شيخ ملڻ جي لاء تيار ناھي، نه فون ڪال کڻي ٿو، منھنجي جگر جي ٽڪري کي ظالمن گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ھو، جنھن کي 6 مھينا گذاري وڃڻ جي باوجود پوليس شھيد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي، پ پ پ سرڪار جي ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي ۽ ايم پي اي مير محبوب علي بجاراڻي ۽ ٻين تعزيت ڪندي مونکي خاطري ڪرائي ته جلد شھيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري انھن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو، متاثر جي والد سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد شاه گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آء جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته معصوم پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف فراھم ڪيو وڃي،