ڪنڌڪوٽ: ميونسپل ملازمن جو پگهارن جي عدم ادائيگي خلاف احتجاج

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگھارون نه ملڻ خلاف آفيس جي گيٽ آڏو ھٿن ۾ ٻوھارا کڻي احتجاج مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهرين حضور بخش شيخ ۽ غلام مصطفي شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ماھ رمضان ڀلارو ۽ برڪتن وارو مهينو گھر ۾ سڀئي روزا رکندا آھن، پگھارون نه ڏنيون پيون وڃن فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون، پگھارن جي آسري ۾ قرض کڻي راشن ۽ گھر جي مسواڙ ڏني، ھنن وڌيڪَ چيو ته اڄ مارچ جي 12 تاريخ آهي هن ٽائيم تائين اسان کي رھيل پگهارون ناھين مليون هنن چيو ته عيد ته پنهنجي جاءِ تي پر رمضان شريف جي ڀلاري مهيني م به روزي رکڻ لاءِ اسان وٽ راشن به ناهي جو اسين رمضان شريف جا روزا رکي سگهيون انھن ميونسپل ڪاميٽي جي چئيرمين مير غلام راشد خان سندراڻي ۽ وائيس چئيرمين شير محمد سھرياڻي، ۽ تعلقه ايڊمنسٽريٽر مقصود جتوئي کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا اسان غريب مسڪين پورهيتن مٿان رحم کائو رھيل پگهارون جاري ڪيو جيئن پيٽ جو سفر گذار ڪري سگھون،