ڪنڌرا ۾ جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪ ڪندڙ دهشتگردن خلاف احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو

ڪنڌرا بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس کي ھاء جيڪ ڪرڻ وارن دھشتگردن جي خلاف سکر اسٽان کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب ايوان صحافت ڪنڌرا اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سماجي ۽ سوشل ورڪر معزور اتحاد جو اڳواڻ شاھنواز ڪانڌڙو . محمد اسماعيل ڪٽپر ڌڻي پرتو ڪانڌڙو . گل حسن ڪانڌڙو . ظھير احمد ڪانڌڙو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا مظاھرين احتجاجي ريلي ۾ موجود مظاھرين سان ڳالھائيندي چيو ته دھشتگردي ھڪ لعنت ۽ ناسور آهي جنهن کي پاڙون ڪڍيو وڃي دھشتگرد صرف پاڪستان لاء نه پوري دنيا جي لاء خطرو آهن تنھنڪري دھشتگردن سان سختي سان پيش اچجي اسين پاڪستان آرمي تي پورو اعتماد ڀروسو ۽ يقين رکون ٿا ته اھائي دھشتگردن کي چٿي سگهي ٿي اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي يقين ۽ فخر آهي جعفر ايڪسپريس کي ھاء جيڪ ڪندڙن کي جھنم واصل ڪيو اسان سميت سڀ پاڪستاني محب وطن آهن پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي ريلي ۾ موجود مظاھرين پاڪ آرمي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي پاڪ فوج زندھ آباد دھشتگرد مردھ آباد دھشتگردي مردھ آباد ۽ دھشتگردن تي لعنتون وڌيون