تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اناج منڊي جي مين گيٽ اڳيان ٻج ڀاڻ جي دوڪاندار ھندو واپاري کان ڏوھارين ڀتو گھريو جيڪو نه ڏيڻ تي ھٿياربندن ھڪ مھينو اڳ دوڪان مٿان پوليس ـ قانون کان بي خوف ٿي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 20 ورھين جو نوجوان انيش ڪمار لنڊ شديد۔ زخمي ٿيو زخمي کي سکر نيو ويو جتان ائير ايمبولنس ذريعي ڪراچي کڻائي ويا نجي اسپتال ۾ ھڪ مھينو تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھندي فوت ٿي ويو نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ھولي جون خوشيون ماتم ذم تبديل ٿي ويون مختلف ھنڌن تي رکيل ھولي جا پروگرام پڻ ڪينسل ڪيا ويا ذريعن موجب ڏوھارين جي خوف سبب قتل ٿيل نوجوان انيش ڪمار ۽ پريوار ڪراچي لڏي ويو ويو گولي لڳڻ واري واقعي جي ڏينهن واپس ڪاروبار ڏسڻ آيو ھو جيڪو دردن جي گولي جو نشانو بڻجي ويو جڏھن نوجوان زخمي ٿيو شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي ڪال تي مڪمل شٽربند ھڙتال پڻ ڪئي وئي پر پوليس ڪجھ نه ڪيو ته جوابدار ھٿ ڪري سگهي نه ڏوھارين خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگهي ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر ڏوھاري مڪمل طاقتور بڻجي واپارين کان ڀتو وٺي ڦرلٽ به ڪري رھيا آهن نوجوان انيش ڪمار جي امر ٿيڻ جي خبر تي وڏي تعداد ۾ ھندو برادري جا ماڻھن سندس گھر پھچي ويا سندس آخري رسمون اڄ جمعي جي ڏينهن ادا ڪيون وينديون انيش ڪمار جي گھر ۾ قيامت جا منظر شھر ۾ سوڳ جو ماحول پيدا ٿي ويو