تفصيل موجب هفتو اڳ هٿياربندن انجنيئر عبدالقيوم, ٽيڪنيشن زاهد ابڙو ۽ گارڊ اصغر نوناري کي اغوا ڪيو هو ڊي آء جي لاڙڪاڻو, ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي ڪشمور جي نگراني ۾ مغوين جي بازيابي لاء آپريشن ڪيو ويو آپريشن ناڪام ٿيڻ بعد پوليس مغوين جي بازيابي لاء راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڊيل ڪامياب ٿيڻ بعد مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي ڊيل تحت پوليس عورتن سميت ڏوهارين جا گرفتار ٿيل سڀ ماڻهو آزاد ڪندي ۽ وڌيڪ آپريشن نه ڪيو ويندو ڌاڙيلن ٽنهي مغوين عبدالقيوم, زاهد ابڙو ۽ اصغر نوناري کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ايس ايس پي جيڪب آباد بازياب ٿيل ٽنهي مغوين کي کڻي جيڪب آباد روانو ٿي ويو ياد رھي ته ھڪ ھفتو اڳ ھٿياربندن ھٿان پوليس اھلڪار مقيم کوسو جي شھيد ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن جا گھر ڊاھڻ بعد عورتن سميت ڪجھ ماڻھو گرفتار ڪيا پلاند ۾ ڏوھارين سوئي گئس جا 3 ملازم اغوا ڪري گرفتار ٿيل پنھنجا ماڻھو آزاد ڪرائي ورتا ٻن ضلعن جي پوليس ڏوھارين آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا