13

جي آءِ ٽي جي سربراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پنجاب پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) عمران ڪشور پوليس سروس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو 9 مئي جي ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي جو سربراهه هو. ڊي آءِ جي عمران ڪشور پنهنجو استعيفيٰ آءِ جي پنجاب ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ هن چيو ته مان اهڙي موڙ تي آهيان جتي منهنجون وڌيڪ خدمتون ممڪن نه آهن، مون عزت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. آءِ جي پنجاب کي جمع ڪرايل استعيفيٰ خط ۾، ڊي آءِ جي عمران ڪشور لکيو ته هو پوليس سروس آف پاڪستان تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، هن پنهنجي حلف کي بيحد عزم سان برقرار رکيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ذاتي قيمت ادا ڪئي، هاڻي مان اهڙي جاءِ تي آهيان جتي مان هاڻي پنهنجون خدمتون جاري نه ٿو رکي سگهان.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو