ڪنڌرا ٿاڻي جي ڳوٺ آنبھ جي رھواسي عورت ڪلثوم شيخ پنھنجي ماء جانل ۽ ڀاء جاويد شيخ سان گڏجي صحافين اڳيان پنھنجي ڏيرن رسول بخش شيخ، غلام رسول شيخ، صفي الله ،رفيع الله، رحمان شيخ ۽ ٻين خلاف دانھيندي چيو ته منھنجا ڏير رات منھنجي گھر ۾ گھري مونکي ۽ منھنجي معصوم ٻارن تي سخت تشدد ڪري جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي اسان جي رڙين تي پاڙي وارن اسان کي اچي بچايو انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ت ملوث جوابدران خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪنڌرا پوليس بااثرن کي گرفتار ڪري
