13

ڪشمور: مغوي راجيش ڪمار جي بازيابي نه ٿيڻ تي هندو برادري هولي جو بائيڪاٽ ڪيو

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م امن امان جي خراب صورتحال ء ڇھ نومبر گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ وٽ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي ڪشمور پوليس هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هندو برادري پاران خوشين ڀريو ڏڻ تي هولي نه ملهائي وئي هندو م احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جنهن م ڪنهن به ماڻهو هولي جو تهوار نه ملهايو آهي ڪنهن کي به رنگ ناهي لڳل آهي . ان موقعي تي هندو پنچايت ڪشمور جي اڳواڻن چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي. مکي وشن داس، پريتم داس ڏهر. انيل ڪمار. پون ڪمار مکي گيان چند ۽ ٻين چيو ته ڪشمور جي نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي 6 نومبر تي گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ تان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا پر ڪشمور ضلعي جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جيڪو هن مهل تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو ۽ ڪشمور ضلعي اندر خراب ٿيل امن امان جي ڪري ڪشمور جي هندو برادري پاران احتجاجن هولي نه ملهائيندي احتجاجي ڪيئمپ قائم ڪئي وئي آهي. هندو پنچائت ڪشمور جي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي جي صورتحال کان سنڌ سرڪار مڪمل ڄاڻ رکي ٿي پيئي پر ڪهڙي مجبوري سبب اسان جي ضلعي ۾ امن نه پيو ڪيو وڃي. ڪنڌڪوٽ ۾ هندو نوجوان انيش ڪمار کي گوليون هنيون ويون جيڪو پڻ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو. هندو پنچائت ڪشمور جي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي جا رهواسي عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن خدارا ڪشمور ضلعي جو امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ مغوي نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي ترت بازياب ڪرايو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو