جعفر ايڪسپريس حملو: ڪوئٽه کان ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ معطل

ڪوئٽه کان  ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. ريلوي اختيارين موجب ڪوئٽه کان اندرون ملڪ جي لاءِ ٽرين سروس جي معطلي جو اڄ چوٿون ڏينهن آهي، ٽرين سروس اڻڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ضلعي ڪڇ ۾ ريلوي ٽريفڪ جي مرمت سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ ڪئي ويندي.ٻئي طرف ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ريلوي ڪوئٽه عمران خان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪڇ ۾ پيرو ڪنري جي ڀرسان ٽريڪ جي مرمت لاءِ اڃان تائين سيڪيورٽي ڪليئرس ناهي ملي. اسان جون ٽيمون مچ ۽ مشاف ۾ موجود آهن. ٽريڪ جي مرمت  جو ڪم سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ شروع ٿيندو. پهريان جعفر ايڪسپريس کي ٽريڪ تان هٽايو ويندو پوءِ ان جي مرمت ٿيندي. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ پيرو ڪنري ڀرسان جعفر ايڪسپريس کي دهشتگرد حملي جو نشانو بنايو ويو هو. انهي حملي ۾ پاڪ فوج 36 ڪلاڪن جي اندر ڪليئرنس آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ يرغمالين کي بازياب ڪرايو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي آپريشن ۾ گڏيل طور تي 33 دهشتگرد ۽ 26 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.