سلامتي ڪونسل طرفان ٽرين حملي جي مذمت: سمورن ملڪن کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ جي اپيل

گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل بلوچستان  ۾ جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين تي دهشتگردن جي حملي ۽ مسافرن کي يرغمال بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ميمبر ملڪ ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي عوام سان همدردي جو اظهار ڪن ٿا. سلامتي ڪونسل جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين تي مذمت جوڳي حملي ۾ ملوث سمورن ماڻهن، سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل سمورن ملڪن تي زور ڏنو ته هو عالمي قانون ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ڪونسل جي قراردادن موجب پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي فعال طور تي تعاون ڪري. سيڪيورٽي ڪونسل جي ميمبرن ٻن لفظن ۾ چيو ته دهشتگردي جي اهڙن خطرناڪ واقعن جو ڪوبه جواز قابل قبول نه آهي، چاهي ان جي پٺيان جيڪي به سبب هجن، جتي به، جڏهن به ۽ ڪنهن به شخص جي ذريعي ڪيا ويا حجن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل سمورن ملڪن تي زور ڏنو ته اهي سمورن ذريعن خاص طور تي گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي انساني حقن جي قانون، عالمي پناهگيرن جي قانون ۽ عالمي قانون جو استعمال ڪندي دهشتگردي جي خطرن جو مقابلو ڪري. بيان ۾ سيڪيورٽي ڪونسل جي ميمبرن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورن روين ۽ مظاهر ۾ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ سنگين ترين خطرو اهي.