لاهور ۾ مشهور گلوڪاره نصيبو لال تي مڙس جو مبينه تشدد، جان کان مارڻ جون ڌمڪيون

لاهور ۾ مشهور گلوڪاره نصيبو لال کي مڙس مبينه طور تي تشدد جو نشانو بنايو آهي. پوليس موجب نصيبو لال تي مڙس جي مبينه تشدد جو واقعو شاهدره ٽائون ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نصيبو لال تي مڙس جي مبينه تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.  نصيبو لال طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته گهر جي ورانڊي ۾ ويٺل هئس ته مڙس بدزباني ڪئي، تشدد ڪيو ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ ماڊل ۽ اداڪاره زينب جميل به پنهنجي اڳوڻي مڙس تي قاتلاڻي حملي جو الزام لڳايو هو. ياد رهي ته نصيبو لال پاڪستاني فولڪ گائيگي جي حوالي سان مشهور آهي، هو اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ مارواڙي ۾ گيت ڳائيندي آهي ۽  هن سپرليگ جي اٺين ايڊيشن جو ترابو به ڳايو هو.