ٽرمپ انتظاميه پاڪستان سميت 43 ملڪن تي سفري پابنديون لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

 ٽرمپ انتظاميه 43 ملڪن تي سفري پابنديون لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو، 3 ڪيٽيگيريون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ پاڪسان به شامل آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميه 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابنديون لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي.  نئين سفري پابندين جي تحت مختلف ملڪن کي 3 گروپن ۾ شامل ڪيو ويندو. پهرين ريڊ گروپ ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيبوبا، ايران، اتر ڪوريا سميت 11 ملڪ شامل ڪيا ويا آهن. ٻئي  فهرست ۾ جنهن کي اورنج لسٽ جو نالو ڏنو ويو آهي پاڪستان ۽ روس سميت 10 ملڪ شامل آهن. يلو فهرست ۾ 20 ملڪ شامل آهن. ريڊ لسٽ ۾ شامل ملڪن جي شهرين تي مڪمل سفري پابنديون لڳايون وينديون. اورنج لسٽ ۾ شامل ملڪن جي شهرين جا اميگرينٽ ۽ سياحتي ويزا محدود ڪيا ويندا جڏهن ته ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان گڏ آمريڪا ۾ داخلا جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. جن ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، ليبيا، اتر ڪوريا، شام سوڊان، صوماليه، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن. چاڊ ڊوميٽيڪا ۽ لائبيريا سميت 29 ملڪن کي يلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن ملڪن جي شهرين وٽ ويزا درخواست جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 60 ڏينهن هوندا. ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارت واري دور ۾ به ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي شهرين تي آمريڪا  ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جي 3 ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪوين هيون انهي پابندي کي مسلم بين چيو ويندو هو. هڪ آمريڪي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سفري پابندي جي فهرست ۾ هيٺ مٿانهين به ٿي سگهي ٿي.