بدين: زمين جي مالڪي تان راهمون ۽ خاصخيلي برادري ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا مارجي ويا

 بدين جي شهر کورواھ ڀرسان ڳوٺ صالح راهمون ۾ انور راهمون ۽ ميهن وسايو خاصخيلي ديهه کورواهه ۾ زمين جي مالڪي ۽ فصل ڪٽڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ راهمون برادري جا 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.  قتل ٿي ويلن ۾ 38 ورهين جو انور راهمون 35 ورهين جو مدد علي راهمون، محمد صديق راهمون، 42 ورهين جو عبدالمجيد راهمون  شامل آهن. جڏھن ته زخمين ۾  گل رند ۽ محمد حسن راهمون، ٻي ڌر جا احمد پٽ بچايو خاصخيلي عمر 34 سال پڻ قتل ٿي ويو   آهي  زخمين ۾ ميهن وسايو خاصخيلي، يوسف خاصخيلي، واحد بخش، گلشير خاصخيلي، شامل آهن پوليس موجب تہ  قتل ٿيندڙن ۽ زخمين کي  گولاڙچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.