پشاور ۽ ڪرڪ ۾ 5 هنڌن تي دهشتگردن جا حملا، 3 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ايف سي گارڊ شهيد

خيبرپختونخواهه جي 2 ضلعن پشاور ۽ ڪرڪ ۾ دهشتگردن مختلف هنڌن تي 5 حملا ڪيا جنهن ۾ 3 پوليس اهلڪار ۽ ايف سي گارڊ شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب ڪرڪ ۾ دهشتگردن يعقوب شهيد ٿاڻي ۽ حرم ٿاڻي تي حملا ڪيا جنهن ۾ پوليس سب انسپيڪٽر اسلم نور شهيد ٿي پيا. ڪرڪ ۾ سوئي گيس آفيس تي به دهشتگردن حملو ڪيو جنهن ۾ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڪرڪ جي ٽن  مختلف هنڌن تي دهشتگردن حملا ڪيا جن مان تخت نصرتي، خرم محمد ۽ عيسڪ خماري گيس فيلڊ ايس اين جي ايل ڪمپني شامل آهي. اهڙن حملن ۾ هڪ ايف سي گارڊ ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيو. پشاور ۾ مچني ٿاڻي گيٽ ۽ خزانه  ٿاڻي جي هنڌ تي به دهشتگردن فائرنگ ڪئي. مچني گيٽ تي حملي ۾ پوليس اهلڪار  نذر علي شهيد ٿيا. جڏهن ته پوليس فوري جوابي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو ايس پي ورسڪ ڊويزن مختيار علي موقعي تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، هينئر تائين پنج دهشتگرد حملن ۾ 3 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ايف سي گارڊ شهيد ٿيا آهن جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار زخمي آهن، ڊي پي او ڪرڪ شهباز الاهي جو چوڻ هو ته ڪرڪ جي ٻن ٿاڻن تي هٿياربندن جي حملي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته دهشتگردن خرم ٿاڻي ۽ تخت ٿاڻي نصرتي تي ڳرن هٿيارن سان  حملو ڪيو هو. عيسڪ خماري گيس ايس ايم ايس تي حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ جڏهن ته تخت نصرتي ۾ هڪ سب انسپيڪٽر شهيد ٿيو. ڊي پي او چيو ته هٿياربند هڪ سيڪيورٽي گارڊ کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جنهن کي مقابلي کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو. شهباز الاهي جو چوڻ هو ته عيسڪ خماري گيس فيلڊ تي حملو ڪندڙن جو پيڇو ڪيو ويو پر اهي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ وڏي حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو ڊي پي او ڪرڪ شهباز الاهي وڌيڪ چيو ته حالتون مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن، حملو ڪندڙن جا ارادارا ناڪام بنائيندي کين جابلو علائقن طرف ڌڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.