بجلي صارفين کان ٻن سالن دوران ٽيليويزن فيس جي مد ۾ اربين روپيه وصول ڪرڻ جو انڪشاف

بجلي صارفين کان ٻن سالن جي دوران ٽيليويزن فيس جي مد ۾ اربين روپيه وصول ڪرڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ ٽي وي فيس بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي جواب ۾ چيو ته ٻن سالن ۾ بجلي صارفين کان  18 ارب 86 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ وصول  ڪيا ويا آهن. اطلاعات واري وزير پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته پيپڪو ٽي وي فيس جي مد ۾ ٻن سالن ۾ بجلي جي بلن ذريعي 16 ارب 64 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ وصول ڪيا. ڪي اليڪٽرڪ ٻن سالن دوران بجلي صارفين کان ٽي وي فيس جي مد ۾ 2 ارب 21 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ وصول ڪيا  ويا آهن.