ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ بي گناھ قتل ٿيل شھرين جي قاتلن لاء ال پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي سوين شھري اچي شامل ٿيا جن امن امان خراب ٿيڻ ـ بدامني ـ ڀتاخوري ـ غنڊاگردي ـ دھشتگردي قتل عام جي خلاف ۽ پوليس جي نااھلي خلاف زوردار نعريبازي ڪندي اڳواڻن ڪيمپ ڊاڪٽر ميھر چند ـ حاجي حضور بخش مغل ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ اڪرم باجڪاڻي ـ ظريت ساگر بجاراڻي ـ والي ڏنو سبزوئي ـ اشوڪ ڪمار ـ شاھنواز مرھيٽو ـ اصغر شيخ ۽ ٻين جي ميڊيا سان ڳالھيندي ۽ خطاب ڪندي چيو ته امن امان ھٿرادو خراب ڪيو ويو آهي ھر واپاري کي ڏوھارين پاران ڀتو گھريو ويو آهي ڪافي واپارين زندگيون ۽ ڪاروبار خاطر مجبورن ڀتو ڏنو آهي پر واپاري ۽ معزز حالتن جي ڪري ڪافي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ڪنڌ ڪوٽ ڪاروبار شھر اناج ۽ چانور جي واپار جو حب ھو جيڪو ھاڻي تباھ ٿي رھيو آهي تباھي کي روڪڻ لاء پوليس ۽ وس وارا ڪجھ به نه ٿا ڪن ڪجھ ڏينهن ۾ ڏوھارين جي فائرنگ ۾ انيش ڪمار ـ آدم شيخ ـ ظھور مرھيٽو ۽ ٻيا به بي گناھ قتل ڪيا ويا پر پوليس انتظاميا ڪو به قاتل گرفتار نه ڪيو ويو آھي پوليس جيستائين ڏوھارين جي خلاف سخت ڪاروايون نه ڪندي ڏوھاري بي خوف ٿي وارداتون ڪندا رھندا اسين سنڌ حڪومت ـ سنڌ پوليس ۽ وس وارن کان گھر ڪيون ٿا ته بي گناھ قتل ٿيل شھرين جا قاتل گرفتار ڪري ڪنڌ ڪوٽ کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ڏوھارين جو خاتمو ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي اسان جو امن امان لاء روزاني ٻھ ڪلاڪ احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويندي ـڪنڌ ڪوٽ ڊر ـ ڪنڌ ڪوٽ عيد ويجھو ايندي ڏوھاري سرگرم مسافر وين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري مسافرن کان ڦرلٽ ڪري ويا تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ انڊس ھاوي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور ويندڙ مسافر وين کي ھٿياربند ڏوھارين روڪي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري مسافرن کان روڪ رقم ـ موبائيل فونون ڦر ڪري آرام سان فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع جي باوجود پوليس ڪجهه نه ڪيو نه سندس جاء واقعي تائين به اچڻ گوارا نه ڪيو واقعي سبب مسافرن ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو