ڪنڌڪوٽ: معصوم نياڻي کان سون جون واليون ڇني ظلم، پوليس خاموش

تفصيل موجب رسالدار ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھارين وحشياڻي جو مظاهرو ڪندي ڇھ سالن معصوم نياڻي جي ٻنهي ڪنن مان سون جون واليون ڇني کيس زخمي ڪري ڇڏيو. معصوم نياڻي رت وهائيندي رهي، پر پوليس ھميشہ وانگر ننڊ ستل رهي. هي دل ڏکوئيندڙ واقعو ھدايت الله ميڻڪ جي نياڻي سان پيش آيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. شهرين جو چوڻ آهي ته رسالدار ٿاڻي جي حد ۾ بدامني روز بروز وڌي رهي آهي، ڏوهاري آزاد گهمي رهيا آهن، پر پوليس بيحس بڻيل آهي.متاثر خاندان ۽ شھرين پاران SSP ڪشمور ۽ SHO رسالدار کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جلد کان جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪري معصومن سان ٿيندڙ ظلم جو سلسلو بند ڪيو وڃي. شهرين چيو ته جيڪڏهن ظالمن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.