تفصيل موجب تنگواڻي ٿاڻي جي حد جي يو آء اڳواڻ حاجي نور محمد کوسو جي زين شادي حال تي ڌاڙيلن جي ڪاھ ڪري، شادي حال جي در دروازا دريون ڀڄ ڊاھ ڪري زين شادي حال جي مستري انصار پنجابي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا، علائقي واسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، واقعي بعد پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن جاري آھي ، اغوا واقعي جو اطلاع گھر وارن کي مليو اطلاع ملڻ تي مغوي جي گھر ۾ روڄ راڙو قعرام مچي ويو، اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،