پريالوءِ: ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ قتل ڪيس جا 3 مک جوابدار گرفتار

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل انور علي ڄامڙو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. فيض محمد ٻنڊو پوليس ڪارروائي ڪندي 3 مک جوابدار رحيم بخش، محمد دائود ۽ نصير ڄامڙو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتاري دوران پوليس کي جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ 2 ٽي ٽي پسٽول به هٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ۽ باقي نامزد جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.