پاڪ افغان طورخم بارڊر 27 ڏينهن کان پوءِ پنڌ اچ وڃ جي لاءِ کوليو ويو آهي جنهن کان پوءِ مسافرن جي پنڌ اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي. صرف ويزا ۽ پاسپورٽ رکندڙ مسافرن کي افغانستان اچڻ ۽ وڃڻ جي اجازت هوندي. ذريعن موجب طورخم سرحد اميگريشن سيڪشن کي مرمتي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بحال ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اڄ کان افغانستان کي پنڌ اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي پر صرف ويزا ۽ پاسپورٽ رکندڙن کي افغانستان وڃڻ جي اجازت هوندي، سرحدي گذر گاهه 26 ڏينهن کان پوءِ گذريل ڏينهن واپار جي لاءِ کولي وئي هئي. اميگريشن ذريعن موجب 21 فيبروري تي پاڪستان ۽ افغان فورسز جي وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون، فائرنگ سبب پاڪستان ۽ افغانستان طورخم اميگريشن سسٽم کي نقصان پهتو هو. اميگريشن اختيارين ٻڌايو ته سرحد بند ٿيڻ سبب صرف افغان مريضن کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني پئي وئي، طورخم جي رستي افغانستان مان روزاني 10 هزار مسافرن جي اچ وڃ ٿيندي آهي. اختيارين موجب گذريل ڏينهن پاڪ افغان بارڊر طورخم تي اميگريشن ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ٻيهر خراب ٿي ويو، سسٽم جي مرمت لاءِ انجنيئرز کي طلب ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ سسٽم جي مرمت مڪمل ڪئي وئي، 21 فيبرري تي افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب طورخم سرحد کي بند ڪيو ويو. ياد رهي ته پاڪ افغان طورخم سرحد کي 27 ڏينهن کان پوءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، قبائلي جرگي تڪراري تعميرات بند ڪرڻ ۽ طورخم واپاري گذر گاهه کولڻ تي اتفاق ڪيو هو، افغان جرگه 17 مارچ تائين سرحد کولڻ جي مهلت گهري هئي.