سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

 پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪر فيڊريشن جي سڏ تي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ هاري يونين، چوڙي ورڪر يونين جي مرد عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن لال بخش سٺيو، جميلا خان، سڀاڳي ڀيل، فاطمه لغاري ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان زبردستي ڪئنال ڪڍيا ويا ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا، هڪ طرف سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي ٻئي طرف سنڌ جا ماهيگير فاقا ڪشي ڪٽڻ تي مجبور ٿي ويندا.   سنڌو درياءَ ۾ هن وقت به پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، سنڌو درياءَ اسان جو ساهه آهي، اسان جو جياپو آهي، اسان سنڌو درياءَ تي پنهنجا سر ڏئي سگهون ٿا پر ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين. انهي کان علاوه گرين پاڪستان فارمنگ ڪارپوريشن منصوبي جي نالي تي زمينن جي والار کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪريون، سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي. سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت، ماحول ۽ معيشت تي سخت اثر پوندو، جيڪو سنڌ واسين لاءِ معاشي قتل برابر آهي. اڳواڻن  وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي رهي آهي، جڏهن ته مالوند ماڻهن لاءِ به پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ مان غيرقانوني ڪئنالن جو منصوبو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ ارسا ايڪٽ تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي بچائي سگهجي. احتجاجي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن سنڌو درياءَ جي حق ۾ ۽ غيرقانوني ڪئنالن جي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ۽ حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.