ڪنڌڪوٽ ٻه ڏھاڙا اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل پنجاب واسي مغوي جي ڌاڙيلن پاران ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مدد جي اپيل،

تفصيل موجب تنگواڻي جي حد زين شادي حال تان اغوا ٿيل پنجاب واسي انصار پنجابي جي ڌاڙيلن پاران ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي وائرل ويڊيو ۾ مغوي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ ۽ حد جي ايس ايڇ او شاھد خشڪ کان پنھنجي آزادي جون التجائون ۽ اپيلون ڪري رھيو آھي، مغوي چيو ته ڏوھارين مونکي اغوا ڪري کڻي آيا آھن روزانو مونکي تشدد جو نشانو بڻائي رھيا آھن، جيڪا به ھن جي ڊمانڊ آھي اھا پوري ڪري منهنجي جان ڇڏايو، منھنجا گھر وارا پريشان آھن،