بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل(بي اين پي –ايم) جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته گرفتار بلوچ عورتن کي آزاد ڪرڻ تائين پارٽي جو ڌرڻو جاري رهندو. صوبائي حڪومت جي وفد گذريل شام مستونگ ۾ افطار کان پوءِ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، انهي کان اڳ سردار اختر مينگل ۽ بي اين پي(ايم) جا ٻيا ڪارڪن ضلع مستونگ جي علائقي لڪ پاس ڀرسان ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ذري گهٽ بچي ويا هئا. سردار اختر مينگل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي(بي وائي سي) جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتارين ۽ ڌرڻي تي پوليس ڪريڪ ڊائون جي خلاف وڊهه کان ڪوئٽه تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو پر ڪوئٽه انتظاميه بي اين پي(ايم) کي پنهنجي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ مارچ ڪندڙ ۽ موٽر سائيڪل سوارن جمعي جي صبح تقريبن 9 وڳي اختر مينگل جي اباڻي ڳوٺ وڊهه کان ڪوئٽه جو سفر شروع ڪيو هو. ڇنڇر جي ڏينهن بي اين پي(ايم) دعويٰ ڪئي هئي ته مستونگ جي ڀرسان پوليس جي ڪارروائي دوران اسان جي 250 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ڇنڇر جي شام ظهور احمد بليدي، بخت محمد ڪاڪڙ ۽ سردار نور احمد بنگلزئي تي ٻڌل صوبائي حڪومت جي وفد مينگل ۽ بي اين پي(ايم) جي ٻين اڳواڻن سان مستونگ ۾ پارٽي جي ڌرڻي واري هنڌ تي ملاقات ڪئي. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان اختر مينگل، نواب محمد خان شاهواني، ساجد ترين ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي. ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اختر مينگل چيو ته حڪومتي وفد اسان سان تعاون ۽ رستو ڳولڻ جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون، اسان انهن کي چيو هو ته هو ڪو رستو ڳولا ڪن ۽ اسان کي ڪوٽه وڃڻ ڏين. سردار اختر مينگل چيو ته حڪومتي وفد اسان کان پڇيو ته ڇا اوهان ريلي ڪڍڻ چاهيو ٿا جنهن تي اسان چيو ته جيڪڏهن اسان ريلي ڪڍون ها ته خضدار ۾ ڪڍون ها. اختر مينگل چيو ته اسان حڪومت کي ٻڌايو ته اسان جو هڪڙو ئي مطالبو عورتن کي آزاد ڪرڻ آهي، اسان انهن کي چيو ته اسان پنهنجي عورتن جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، ڪوئٽه طرف مارچ ڪنداسين. اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان کي ڪوئٽه وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته اسان مستونگ ۾ ڌرڻو هڻنداسين اهو ڌرڻو انهي وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان جي عورتن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي.