نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو آهي. رپورٽ موجب ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هٿياربند جوابدارن بندوق جا فائر ڪري خالد پٽ جادل ککراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ مٺو ککراڻي رواني ٿي وئي آهي. پوليس موجب جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ آهن جن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن تي جوابدار صدام ککراڻي بندوق جو فائر ڪري نوجوان خالد کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.