شارجه پوليس هڪ غيرقانوني فقير کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن وٽان 14 هزار درهم(پاڪستاني 10 لک روپين کان وڌيڪ) هٿ آيا آهن، اهو شخص صرف ٽن ڏينهن ۾ عوام جي همدردي جو فائدو کڻندي ايتري وڏي رقم جمع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. مقامي اخبار جي رپورٽ موجب هڪ مقامي شهري پوليس کي اطلاع ڏني هئي ته مسجد جي ٻاهران هڪ شخص مالي پريشانين جي دعويٰ ڪندي خيرات گهري رهيو آهي، پوليس موقعي تي پهچي انهي جي سڃاڻپ جا تفصيل چيڪ ڪيا ته خبر پئي ته اهو ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل آهي. برگيڊيئر جنرل عمرالغزال الشامسي جيڪو گداگري ۽ اسٽريٽ وينڊرز جي نگراني لاءِ قائم خصوصي ٽيم جو سربراهه آهي انهي ٻڌايو ته اهو عمل سيڪيورٽي ۽ سماجي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، هن عوام کي خبردار ڪيو ته گداگر اڪثر همدردي جي جذبات کي استعمال ڪري غيرقانوني طور تي وڏي رقم ڪمائي وٺندا آهن. هوڏانهن شارجه پوليس(پنڻ ڏوهه آهي، ڏيڻ ذميواري آهي) جي عنوان سان هڪ مهم شروع ڪري رکي آهي جيڪا رمضان جي شروعات کان جاري آهي، انهي مهم جي تحت سادي لباس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن ته جيئن گداگري جي رجحان کي روڪي سگهجي. اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فقيرن کي پئسا نه ڏين، ڪنهن به شڪي سرگرمي جي اطلاع پوليس هيلپ لائن 80040 يا ڪال سينٽر 901 تي ڏين.