ٺڪراٺو ۾ ڳوٺ گھٽي واسي پيرسن نياز محمد ملڪ پنھنجي پوٽي محبت علي ملڪ سان گڏ مائٽن جي زيادتين ۽ فصل لُڻڻ خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ پيرسن نياز محمد ملڪ دانھيندي الزام لڳايو ته منھنجا پوٽا ۽ ڀاڻيجا روشن علي ملڪ امداد علي ملڪ مرتضا ملڪ لال بخش ملڪ شبير ملڪ نواز محمد ملڪ ۽ ٻيا منھنجي ساڍا ٽي ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل زبردستي لُڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي ھراسان ڪري رھيا آھن پيرسن چيو آھي ته پھريان به ساڳين ئي ماڻھن مون مٿان حملو ڪري فصل لڻيو ھو ابتو مونکي مبارڪپور ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي پوليس حوالي ڪيو ھو احتجاج ڪندڙ پيرسن ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي مونسان زيادتيون ڪندڙ ۽ ڪڻڪ جو فصل لُڻن جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي