ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو، جلسا ۽ احتجاج تي پابندي

ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت شهر ۾ جلسا، جلوس، ريلي يا احتجاج تي پابندي لڳائي وئي، اهڙو حڪم ايندي ئي پريس ڪلب جي چوڌاري رستا بند ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب بلوچستان کان پوءِ اڄ سنڌ حڪومت به شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي،  رپورٽون آهن ته گهرو وزارت جي درخواست ڪمشنر اها پابندي لاڳو ڪئي آهي  جنهن جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي. ڪنهن به احتجاج کي نظر ۾ رکندي نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي ئي ڪراچي پريس ڪلب جي چوڌاري سمورا رستا، گاڏيون بيهاري بند ڪيون ويون آهن جنهن سبب چوڌاري ٽريفڪ جام ٿي ويو آهي.