شھيد حاجي بگن خان سومرو جي 25 ورسي ملهائي وئي ورسي مھمان خاص تعلقا چئيرمين مير غلام راشد خان سندراڻي سيد رحم علي سومرو عبدالنبي سندراڻي، زين العبادين سندراڻي، ايڊووڪيٽ احمد رضا سندراڻي انجنئير منظور حسين سومرو، ايڊووڪيٽ عبدالقادر سومرو، غلام حسين سومرو، صدام حسين سومرو سردار لياقت خان ملڪ، مشتاق خان بنگوار، حضور بخش مغل ۽ شھر جي معززين سياسي سماجي سول سوسائٽي صحافين ۽ سومرا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شھيد حاجي بگن خان سومرو پنھنجي حياتيءَ ۾ پاڙيسرين غريبن مسڪينن جو ھڏوکي رھيو، ان ھميشه ڳوٺ جي ڀلائي لاء نيڪ ڪم ڪيا، بجلي گيس روڊ رستا، اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو جي تعاون سان منظور ڪرايا ان ھميشه ڳوٺ جي غريب مسڪين پورهيتن توڙي برادري جي مسئلا حل ڪيا جيڪي اڄ ڳايا ويندا آھن، شھيد حاجي بگن خان سومرو غريب مسڪين ۾ ڪو به فرق نه سمجھندو ھو، ان ھميشه غريب مسڪين جي مدد ڪندو ھو، اڄ ھو اسان سان گڏ ناھي پر ان جو ڪيل چڱايون اڄ بہ ياد آھن ان کي وڇڙي اسان کان 25 سال گذاري ويا آهن، پر ھو اسان جي دلين ۾ ھميشه ياد رھي ٿو، ان جي ياد ۾ ھر سال جيان ماھ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ورسي جو پروگرام منعقد ڪيو ويندو آھي، افطاري پارٽي جو اھتمام ڪيو ويندو آھي شھيد جي روح کي ايصال ثواب پھچائڻ جي قرآن خواني ڪرائي ويندي آھي، ماھ رمضان جي ڀلاري مهيني جي صدقي رب العالمين جي بارگاهه ۾ دعا آھي شھيد جي بي حساب بخش فرمائي سندن کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي