ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ ۾ ٻه نوجوان زخمي

پريالوءِ ڀرسان وڏاماڇيون ٿاڻي جي حد مانگ واري علائقي ۾ ڪارنهن معاملي تان جلباڻي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. هٿياربند گروپن هڪ ٻئي مٿان ڳرن هٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب جلباڻي ڌر جا ٻه نوجوان، معروف جلباڻي ۽ بشير جلباڻي زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.