آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، تعزيت جو سلسلو جاري

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده رضاءِ الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي آهي جنهن کان پوءِ سيد عاصم منير سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اعليٰ حڪومتي شخصيتن آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جنرل سيد عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مان انهي جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان هن مرحومه جي لاءِ بلند درجا ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر، جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون ۽ مرحومه جي بلند درجات جي دعا پڻ ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق به جنرل سيد عاصم منير ۽ ان جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته والدين قدرت جو انمول تحفو آهن انهن جو وڇڙڻ هڪ نه وسارڻ  جيترو نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  غم ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ سيد عاصم منير ۽ ان جي گهر ڀاتين سان گڏ آهيون. رب پاڪ مرحومه جا درجات بلند فرمائي ۽ گهر ڀاتين کي صبر جميل عطا ڪري. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به هن ڏک جي گهڙي تي  جنرل سيد عاصم منير ۽ انهي جي خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي جي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي وزير امير مقام چيو ته جنرل سيد عاصم منير جي والده جي وفات هڪ نه وسرڻ جوڳو نقصان آهي. رب پاڪ جنرل عاصم منير ۽ ان جي خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سوڳوار خاندان سان همدردي جي اظهار سان گڏ تعزيت پڻ ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته رب پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.  ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ جنرل سيد عاصم منير ۽ ان جي گهر ڀاتين سان گڏ آهيون.