سول اسپتال حيدرآباد ۾ آنڊن جي مرض ۾ مبتلا داخل ٿيل عورت جي خواهش تي سندس ڌيءَ جو نڪاح اسپتال ۾ ڪرايو ويو. عورت مريض جي خواهش تي ڌيءَ جي انوکي شادي جي تقريب، دهلن شرنائين تي ڄڃ سول اسپتال حيدرآباد پهتي، خوشيءَ ۾ داخل مريضن جون به جهمريون . سول اسپتال حيدرآباد جي گيسٽرو لاجي وارڊ ۾ داخل حيدرآباد جي علائقي ڪچي قلعي جي رهواسڻ نسيم يوسفزئي زال بشير يوسفزئي آنڊن جي بيماري سبب داخل ٿيل هئي جنهن آپريشن ٿيڻ کان اڳ اسپتال انتظاميه ۽ ڊاڪٽرن کي گذارش ڪئي ته آپريشن ڪامياب ٿئي يا نه ان ڪري منهنجي آخري خواهش آهي ته نياڻي دعا يوسفزئي جي رٿيل شادي جو نڪاح اسپتال ۾ سندس اکين جي آڏو ڪرايو وڃي جنهن کان پوءِ داخل ٿيل مريضه جي نياڻي ڪنوار دعا يوسفزئي ۽ گهوٽ فرمان جي ڄڃ خاندان جي ڀاتين سميت دهلن ۽ شرنائين سان گڏ سول اسپتال جي گيسٽرولاجي وارڊ ۾ پهتي.جتي اسپتال جي انتظاميه گهوٽ ۽ ڪنوار کي گلن جي هار پارائي آجيان ڪئي. اسپتال جي وارڊ ۾ ٻنھي گھوٽ ڪنوار جو نڪاح ڪرايو ويو. ان موقعي تي اھڙي انوکي شادي جي نڪاح جي خوشي ۾ ٻين مريضن به شرڪت ڪئي ۽ خوشي ۾ جهمريون ھنيون