حڪومت 163 روپيه في ڪلو کنڊ عوام کي نه ڏئي سگهي جنهن سبب مهانگائي جي ماريل عوام مهانگي اگهه تي کنڊ وٺڻ تي مجبور بڻيل آهي. وفاقي وزير رانا ننوير حسين دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ کنڊ 163 روپيه في ڪلو ۾ موجود آهي کنڊ جي قيمت ۾ مسئلو ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن جي ڪري بڻيل آهي جڏهن ته کنڊ جا ذخيره وڏي انگ ۾ موجود آهن. هن چيو ته اسان يقين ڏياريون ٿا ته کنڊ جون قيمتون ساڳيون رهنديون انهي ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيندو، وفاقي وزير جي دعويٰ پنهنجي جڳهه تي پر ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڪٿي وڌيڪ آهي ته ڪٿي هٿ ٺوڪيا اگهه ورتا پيا وڃن، ڪوئٽه ۾ کنڊ لاڳيتو 175 کان 180 روپيه ۽ ڪراچي ۾ 170 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. حڪومتي قدمن کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ في ڪلو کنڊ 9 روپيه سستي ٿي وئي، چيئرمين ڪراچي هول سيلر گروسرز ايسوسيئيشن عبدالرئوف ابراهيم چيو آهي ته جوڙيا بازار هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو کنڊ 168 روپين کان گهٽ ٿي 159 روپيه ٿي وئي آهي.