شوگرملز ايسوسيئيشن ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

 شوگرملز ايسوسيئيشن چيو آهي ته صارفين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو اسٽاڪ موجود آهي. لاهور ۾ شوگرملز ايسوسيئيشن جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ کنڊ جي کوٽ جي تاثر کي هڪ طرفو قرار ڏيندي رد ڪيو ويو. ترجمان شوگرملز ايسوسيئيشن ٻڌايو ته کنڊ جون قيمتون حڪومت طرفان مقرر ڪيل حد تي اچي ويون آهن ۽ کنڊ جي ايڪسپورٽ سان قيمتن ۾ اضافي جون خبرون هٿ ٺوڪيون ۽ بي بنياد آهن. ڪريانه مرچنٽس ۽ سٽه مافيا افواهون پکيڙي قيمتون وڌائي رهيا آهن. ترجمان چيو ته 80 سيڪڙو کنڊ صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽر جڏهن ته 20 سيڪڙو گهريلو صارفين استعمال ڪندا آهن. حڪومت ٻنهي سيڪٽرز جي لاءِ قيمتون مقرر ڪرڻ بابت ڌار طريقو استعمال ڪندي.