نيوسعيدآباد جي ڳوٺ الياس ابڙيجا ۾ عورت تي پرڻيل ناري کي گهر مان فرار ڪرائڻ سهولتڪاري جي الزام هيٺ وحشياڻو تشدد ڪري سندس مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بنائڻ بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. رپورٽ موجب گذريل رات دير سان مسمات حسنہ زال اسحاق انڙ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ليس پنهنجي ئي گهر جي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، اڄ ڏينهن جو ڳوٺاڻن اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پوليس پهچي زخمي عورت کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب ڪجھ ڏينھن پهرين ڳوٺ مان نوجوان پرڻيل ناري فرار ٿي وئي هئي جنهن جي نڪرڻ جو الزام هڻي سندس سئوٽ غلام شبير ولد محمود انڙ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس مٿو ڪوڙي ڇڏيو آهي، واقعي بابت تحقيقات ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايل عورت جو چوڻ آهي ته مون ڪنهن جي به ڇوڪري کي نڪرڻ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، ڇوڪري جا وارث خود غلط عمل ۾ ملوث آهن، مون تي ڇوڪري جي سئوٽ غلام شبير ۽ ان جي ڀائرن تشدد ڪري مٿي جا وار ڪوڙيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.