وفاقي حڪومت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٽيرف سبسڊيز ۾ واڌ ذريعي حاصل ڪئي ويندي. ان حوالي سان، نيپرا اٿارٽي 4 اپريل تي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڪمپنين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي هن گهٽتائي کي لاڳو ڪن ۽ تجويز آهي ته هي گهٽتائي اپريل کان جون 2025ع تائين لاڳو ڪئي وڃي.وفاقي حڪومت هن عرصي لاءِ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سبسڊي فراهم ڪندي.