ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ پوليس ڪئمپ تي ڪريڪر حملو ٿيو آهي. ايس ايس پي ملير موجب قائد آباد ۾ پوليس ڪئمپ تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. پوليس چيو آهي ته جوابدارن قائد آباد پل تان ڪريڪر اڇلايو. حملي ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي ملير موجب واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.