دهشتگرد حملي کانپوءِ معطل ٿيل جعفر ايڪسپريس ڪوئيٽه کان پشاور لاءِ رواني ٿي وئي. ميمبر قومي اسيمبلي جمال شاهه ٽرين جو افتتاح ڪيو، ڊي ايس ريلوي سميت ريلوي آفيسر به ساڻس گڏ هئا. 10 بوگين تي مشتمل ٽرين ڪوئيٽه کان 400 کان وڌيڪ مسافرن کي کڻي پشاور لاءِ رواني ٿي، ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جي سخت چيڪنگ ڪئي وئي، ٽرين ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽرين بند ٿيڻ سبب 90 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي. ياد رهي ته جعفر ايڪسپريس 11 مارچ تي دهشتگردن جي حملي جو شڪار ٿي هئي جنهن کانپوءِ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي هئي پر هاڻي 17 ڏينهن کانپوءِ ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تان ٻيهر پنهنجو سفر شروع ڪيو آهي.