ڪشمور .عيدالفطر جي موقعي تي غريب ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو. ڪشمور جي عيدگاهه محلي لڳ قيوم خان مزاري جي بنگلي ۾ راشن جي ورڇ جاري هئي، جتي رش سبب افراتفري پيدا ٿي وئي.
موقع تي پيش آيل حادثي سبب هڪ عورت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته چار عورتون زخمي ٿي پيون. فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ شاهه ولي جي سيد برادري سان ٻڌائي پئي وڃي. مقامي انتظاميا واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي تي شهري ۽ سياسي حلقن پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ راشن ورهائڻ دوران بهتر انتظامن جي گهر ڪئي وئي آهي