ڪنڌڪوٽ : مجلس وحدت مسلمين پاران يوم القدس ۽ مظلوم فلسطين عوام سان اظهار يڪجهتي جي لاء مدرسه ارشادالثقلين کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ پينا فليڪس کڻي شھر جي مختلف چوڪن چوراھن کان گذرندي گهنٽا گهر چوڪ پھتي جتي مظاهرين اسرائيل آمريڪا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ريلي ۾ سياسي سماجي سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي، مظاهرين پاران اسرائيل آمريڪا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي انساني حقوق عالمي ادارا، او آئي سي سيڪورٽي ڪائونسل فلسطيني عوام سان گڏ آھن، اسرائيل مظلوم فلسطينين مٿان ظلم ڪري رهيو، ادارا خاموش آھن، اسرائيل آمريڪا جي ھوڏ تي مظلوم فلسطينين مٿان ظلم ڪري رھيو آھي انھن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون تہ مظلوم فلسطينين مٿان ظلم ڪرڻ بند ڪري مسلمان ملڪ ھڪ ٿئي اسرائيل جاريت تي آواز اٿاريندا،