صحافي وحيد جي ضمانت جي درخواست منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

عدالت صحافي وحيد مراد جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ صحافي وحيد مراد جي ضمانت جي درخواست تي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه ٻڌڻي ڪئي. عدالت صحافي وحيد مراد کي 50 هزار رپين جي مچلڪن تي ضمانت ڏني ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بعد ۾ عدالت وحيد مراد جي ضمانت جي رقم گهٽائڻ جي درخواست به قبول ڪري ورتي ۽ ضمانت 50 هزار جي ضمانت مان گهٽائي 20 هزار رپيا ڪري ڇڏي.