ڪشمور جي بڊاڻي شهر ۾ ڀٽا ۽ بنگوار برادري وچ ۾ ٻه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙو خوني ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پنج کان وڌيڪ انسانن جون حياتيون ضايع ٿيڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري جهيڙو ميدان جنگ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. مارجي ويلن ۾ ڀٽا برادري جا نوجوان عاشق ڀٽو، عامر ڀٽو شامل آهن، جڏهن ته بنگوار برادري جا پڻ ٽي ماڻهو جوابي حملي ۾ مارجي ويا. ان کان علاوه، ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، ۽ فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. اکين ڏٺن شاهدن موجب، ٻه ڏينهن اڳ ٻنهي جي ماڻهن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا علائقي جي معزز شخصيت جي مداخلت سبب اهو معاملو حل ٿي ويو جو جڏهن ته اڄ ٻيهر بنگوار برادري جا سوين هٿياربند بڊاڻي شهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن سبب سمورو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. شهر ۾ هر طرف خوف ۽ دهشت جو راڄ آهي، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. انتظاميا جي ناڪامي سبب صورتحال تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، ۽ جهيڙو روڪڻ ۾ پوليس مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهي آهي. اهڙي ريت، ڀٽا برادري جي ڪجهه ماڻهن کي بنگوار برادري جي هٿياربندن طرفان اغوا ڪرڻ جي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن. عيد جي ٻن ڏينهن اڳ، جتي علائقي واسي خوشيون ملهاڻ لاءِ تيار هئا، اتي هاڻ ماتم جا منظر نظر اچي رهيا آهن. مقامي ماڻهن طرفان هن خوني واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته امن امان جي بحالي لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي. مقامي شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته بڊاڻي ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي، جهيڙي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ۽ علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي. هي افسوسناڪ واقعو بڊاڻي شهر جي امن لاءِ وڏو ڌڪ ثابت ٿيو آهي، ۽ علائقي ۾ وڌندڙ تڪرارن جي حل لاءِ حڪومتي ادارن جي لاپرواهي تي پڻ سواليا نشان اٿاريا ويا آهن..