ڪنڌڪوٽ: ڦر خلاف احتجاج، ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ فنڪارن جو ڪشمور پوليس خلاف مظاهرو

ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاهي لاڙي وٽ ٻه ڏينهن اڳ غزالي ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عملي کان ڦر واري واقعي خلاف آرٽ ڪائونسل جي سڏ تي ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽فنڪارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن ايس ٽي پي جي اڳواڻ اڪرم باجڪاڻي مزاحيا آرٽسٽ جي وحيد عرف ريمبو احسان چاچڙ ديدار باجڪاڻي امان اللہ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو بدامني جي ڪري عالمي شهرت ماڻي ورتي آهي ٻڏي مرڻ جو مقام آهي ته ڏوهاري هاڻ نياڻين کان سري عام ڦر ڪن ٿا ان کان سواءِ هاڻ گهرن۾ ڏينهن ڏٺي جو گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي هتان جي پوليس اگھور ننڊ ۾ ستل آهي جنهن کي جاڳائڻ لاء احتجاج به ڪيو ويو پر هنن جي ڪن تي جونء به نه چري اسين وقت جي حڪمرانن کي اپيل ڪيون ٿا ته نياڻين کان ڦر ٿيل سامان جلد واپس ڪرائي انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو